اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) سين??ٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان وچ ۾ پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏي?? ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خو??حاليءَ لاءِ انتهائي اهم آهي، گڏيل وا??ار کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ هٿي ڏي?? جي ضرورت آهي. سينيٽ سيڪريٽري موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي سفير خضر فرحاديو سان ملاقات دوران ڪيو. سين??ٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻه لاڳاپا ثقافتي ۽ مذهبي قدرن سان جڙيل آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ مذهبي قدرن تي ٻَڌل لاڳاپا قائم آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏي?? ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خو??حاليءَ لاءِ انتهائي اهم آهي، ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جي مؤقف جي هر اهم فورم تي حمايت ڪئي آهي. آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ ٿيندڙ سي او پي 29 ڪانفرنس ۾ پاڪستان ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته اسان جي ٻه طرفي وا??ار ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ مسلسل اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جڏهن ته اسان جو ٻه طرفي وا??ار جو ڳاڻيٽو هاڻ تائين پنهنجي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، گڏيل وا??ار کي وڌائڻ کي وڌيڪ هٿي ڏي?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جو راباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي نقطه نظر جي حمايت ڪري ٿو، ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني نقطه نظر جي حمايت تي آذربائيجان جا شڪرگذار آهيون. هن چيو ته اسلام آباد/لاهور/ڪراچي ۽ باڪو وچ ۾ هفتي دوران 6 اُڏامون هلي رهيون آهن جيڪا خو??يءَ جي ڳالهه آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ وا??اري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏي?? لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سين??ٽ چيئرمين چيو ته توانائيءَ جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏي?? به انتهائي اهميت رکي ٿي، اها ڳالهه سٺي آهي ته سمورن علائقائي ۽ عالمي تنظيمن خاص طور گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ايس سي او ۾ اسان جو ٻه طرفو سهڪار مضبوط ۽ غير متزلزل آهي. هن چيو ته اعليٰ سطح تي پارلياماني وفدن جي ڏي وٺ ۾ تيزي آڻڻ جي سخت ضرورت آهي. پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ تقويت ملندي. صدر الهام عليوف جي قيادت ۾ آذربائيجان نمايان ترقي ڪئي آهي، پاڪستان آذربائيجان جي ترقي، خو??ح??لي ۽ امن امان جي قيام جي حو??لي سان قدمن کي ساراهي ٿو. سين??ٽ چيئرمين، آذربائيجان جي قيادت، آذربائيجان جي ملي مجلس جي سربراهه ۽ عوام لاءِ نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سفير خضر فرحاديو چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان وچ ۾ بهترين لاڳاپا قائم آهن، آذربائيجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خو??هش رکي ٿو ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏي?? چاهي ٿو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن سان ڀرپور فائدو کنيو ويندو.