اشڪ آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوب?? تي اشڪ آباد دوري دوران ترڪمانستان ج?? قيادت سان ون آن ون ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پ??ران جاري بيان موجب صدر ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين ڪرنگولي بردي محمدوف سان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي اڳواڻن ملاقاتن دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سمورن شعبن خاص طو?? تي واپار ۽ ٻطرفا رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
صدر ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ گهرا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تاريخ ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري عالمي فورم ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏ??ل تعلق – امن ۽ ترقي جو بنياد“ ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جي دوري تي آهي. فورم 11 آڪٽوب?? تي مخدوم گلي فراگي جي پيدائش جي 300هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو.