اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان آئيني ترميمن تي شروعاتي اتفاق ۽ گڏيل ??لاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جمهوريت جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي سچائي 18 سالن کان پوءِ به ثابت ٿي رهي آهي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري ڪيل ??يان موجب شيري رحمان چيو ته اميد آهي ته سموريون سياسي ۽ جمهوري قوتون قوم کي اتفاق راءِ جو تحفو ڏينديون. ميثاقِ جمهوريت جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئي، صدر زرداري ان تي عمل ڪرايو، بلاول ڀٽو زرداري 18 سالن کانپوءِ ان اڌوري ايجنڊا جي م??مل ٿيڻ جي عمل جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت جي اڌوري ايجنڊا کي م??مل ڪرڻ ۾ بلاول ڀٽو زرداري تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڳالهيون ئي جمهوريت جي اصل طاقت ۽ بند دروازن جي ڪُنجي آهي، آئيني ترميمن تي اتفاق جي سوچ ۽ جمهوريت جو جذبو ?? پارليامينٽ جي بالادستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. عدل جي نظ??م جي اصلاح سان ڪروڙين پاڪستانين ۽ جيلن ۾ سالن کان انصاف جي انتظار ڪندڙ قيدين کي انصاف جي وقت سر فراهمي سان رليف ملي سگهندو. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم، آئين ۽ قانون ۽ جمهوريت اصولن لاءِ گڏيل ڪوششن ڪندڙ جمهوري قوتون ?? پارٽيون تحسين لائق آهن.