اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان- قازقستان وچ ۾ پارل??ام??ني رابطن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستان، قازقست??ن سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزن ڪذافست??ن سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان قازقستان وچ ۾ گڏيل لاڳاپا مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي ٻَڌل آهن. اسپيڪر چيو ته پارل??ام??ني رابطا ۾ واڌ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. قومي اسيمبليءَ ۾ قائم پاڪ- قازقستان پارل??ام??ني فرينڊشپ گروپ ٻه طرفن پارل??ام??ني رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا وسيع مو??عا موجود آهن. پاڪستان قازقست??ن سميت وچ ايشيائي رياستن سان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻي تائين پهچ ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. وچ ايشيائي رياستن کي گرم پاڻي تائين پهچ لاءِ گوادر ويجهي بندرگاهه آهي. اسپيڪر اسلام آباد ۾ منعقد ا??س سي او ڪانفرنس ۾ قازقستان جي وزيراعظم جي شرڪت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي دؤرن سان ٻه طرفه لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. ان مو??عي تي قازقستان جي سفير چيو ته قازقستان پاڪست??ن سان پنهنجن ويجهن دوستاڻن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پارل??ام??ني رابطن ۾ واڌ سان ٻه طرفه لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سفير ا??س سي او ڪانفرنس جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ـ چيو ته ا??س سي او ڪانفرنس جي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي تي ڏور رس نتيج?? مرتب ٿيندا. قازقستان جي سفير اسپيڪر کي پارل??ام??ني وفد سان گڏ قازقستان جي دؤري جي دعوت به ڏني.