ڪراچي -26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ??رداري اسلام آباد ۾ شاهراه سرينگر تي رينجرز اهلڪارن تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان مطابق پي پي پي چيئرمين چيو ??هي?? ته امن و امان جي قيام لاءِ اسلام آباد ۾ موجود پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ کليل دهشتگردي آهي. هن مطالبو ڪيو ته اسلام آباد ۾ رينجرز ۽ پوليس تي حملن ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ??ڃي. بلاول ڀٽو ??رداري اسلام آباد ۾ شهادت جو مرتبو ماڻيندڙ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو قوم جا بهادر پٽ هئا. هن شه??د اهلڪارن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. هن زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. هن چيوته ڪنهن جي به پرامن احتجاج جي حق، شرپسندي ۽ دهشتگردي بابت پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي.