لاهور _ 26 ڊسمبر (اي پي پي ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر ن??في هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور ح??ف کڻي ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عابد عزيز شيخ وقتي چيف جسٽس علي باقر ن??في کان سندس عهدي جو ح??ف کڻايو. حلف برادري تقريب لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز لائونج ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ جسٽس طارق سليم شيخ، جسٽس علي ضيا باجوه، جسٽس وحيد خان، جسٽس طارق نديم، جسٽس عاصم حفيظ ، جسٽس شمس محمود مرزا ، جسٽس شهباز رضوي، جسٽس شاهد ڪريم، جسٽس عابد چٺه ۽ پرنسپل سيٽ تي ٻين ججن، پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب سيد فرحاد علي شاهه سميت ٻين لا آفيسرن کان علاوه اڳوڻي سپريم ڪورٽ جي صدر بار احسن بون پڻ شرڪت ڪئي. واضع رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عاليه نيلم اربع کان 2 جنوري تائين نجي دوري تي پرڏيهه وي?? آهي سندس غير موجودگي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر ن??في لاهور هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جو فرض انجام ڏيندو.