اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پورٽ ٽرسٽ تي قائم سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينلز جو دورو ڪندو. وزيراعظم ڪ??اچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ايف بي آر جي ڪسٽم ڪليئرنس جي خود??ار نظام جو افتتاح ڪندو. ان نظام جو مقصد ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ شفافيت ۽ ڪليئرنس جي وقت ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. وزيراعظم پنهنجي گذريل ڪراچي جي دوري ۾ ان خود??ار نظام کي لڳائڻ جون هدايتون ڏنيون هيون. وزيراعظم پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ڪندو جنهن ۾ ان جي 2024ع ۾ پوري دنيا جي ٻي بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج جو اعزاز حاصل ڪرڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. دوري ۾ وزيراعظم آغا خان يونيورسٽي ۾ ڪلينڪل پريڪٽس جي هدايت جي مهورتي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير ع??اءُ الله تارڙ، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مخ??ار احمد ڀرٿ به وزيراعظم سان گڏ آهن.