اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون رهجي ??يو??، پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪ??مت ملڪي ترقي ۽ ع??ام جي ڀلائي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع تائين 3.1 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو وصول ٿيو، جيڪو نومبر 2024ع جي ڀيٽ ۾ 5.6 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ڊسمبر 2023ع کان ڊسمبر 2024ع تائين مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 29.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو اسان جي ٻاهرئي?? ملڪ پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀين??ن جي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو عڪاس آهي. مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي سا?? ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون رهجي ??يو??. هن چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪ??مت ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پرعزم آهي.