اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياريون ڪري ورتيون آهن، ماڻه?? کي سامونڊي علائقن مان محفوظ جاين تائين منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي صورتحال جي نگراني ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سامونڊي طوفان بپرجوائي جي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائڻ جي امڪانن جي ڏس ۾ سمورا لاڳاپيل حڪومتي ادارا ماڻهن جي اڳواٽ ريسڪيو کي يقيني بڻائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هن هدايت ڪري ڇڏي آهي ته سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻه?? کي حفاظتي جاين تائين پهچايو وڃ?? جتي انه?? کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ خوراڪ سان گڏوگڏ طوفان جي خاتمي تائين رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته بپرجوائي سان پيدا ٿيندڙ امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ۾ لاڳاپيل وفاقي وزير ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جا نمائندا شامل آهن جيڪي مسلسل ان طوفان جي نگراني ڪري ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 24 ڪلاڪ رابطو بحال رکندا. هن چيو ته ڪراچي ۾ به برساتن ۽ تيز هوائن جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال جي لاءِ تياري ڪئي وئي آهي جڏهن ته سامونڊي مُهاڻن ۽ سامونڊي علائقن تي آبادي جو انخلا تيزي سان جاري آهي، الله تعاليٰ هن قومي ڪوشش سان اسا?? کي پنهنجي شه??ي?? کي ان طوفان جي نقصانن کان محفوظ رکندو.