اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪاميا?? جوان پروگرام جي پهرين مرحلي ۾ 100 ارب روپيا رکيا ويا آهن، سمورا قرض ميرٽ تي ڏن?? ويندا، وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته قوم ۽ معاشرو ميرٽ کي فروغ ڏئي فلاح ۽ ترقي حاصل ڪري سگهي ٿو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڇنڇر ڏينهن ??نهنجي هڪ پيغام ۾ خاص معاون ڪاميا?? جوان پروگرام تحت قرض حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي پروگرام مستقبل جي معمارن جي ڪاميابي جي ضمانت ۽ انهن جي ترقي لاء?? اڻٽر آهي.