لاهور – 06 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان سندس آفيس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عثمان بوزدار ۽ شاهه محمود قريشي اد??رن کي تڪراري بڻائڻ جي ناپاڪ مهم جي شديد ??ذم?? ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اد??رن جي خلاف هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو ۽ قومي اد??رن جي وقار تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏينداسين، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته پاڪستان جا ادارا سڀني جي لاءِ قابل احترام آهن، مخصوص ايجنڊا تحت اد??رن کي ??شانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصر دشمن جي ايجنڊا تي هلي رهيا آهن، مايوسي جو شڪار مخالف ڌر عوام کي گمراهه نٿي ڪري سگهي. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽريز عوام کي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي انتظامي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختياري ڏني وئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته قومي اد??رن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، اد??رن جي خلاف بيان بازي ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواه نه آهن.