اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي روشن مستقبل جي لاءِ راءِ ڏي?? جو جمهوري حق استعمال ڪر?? رهي آهي، انهن جو جذ??و ان ڳالهه کي واضح ڪر?? ٿو ته اهي تبديلي جا خواهشمند آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان هڪ ڏهاڪي کان انهن تي مڙهيل نااهل ??ولي کي رد ڪر?? ڇڏين??ي ڇو ته ان ٽولي جي ترجيح ڪڏهن به عوام جي ڀلائي ناهي رهي.