اسل??م آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ 87 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 45 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 3179 نوان مثبت ڪيس سامهون آيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 74 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 13 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي 4 وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 46 سيڪڙو، اسل??م آباد ۾ 41 سيڪڙو، لاهور ۾ 34 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن وا??ن بسترن تي راولپنڊي ۾ 40 سيڪڙو، اسل??م آباد ۾ 42 سيڪڙو، پشاور ۾ 59 سيڪڙو ۽ ايبٽ آباد ۾ 39 سيڪڙو مريض آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 48 هزار 75 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 20 هزار 681، پنجاب ۾ 15 هزار 133، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 213، اسل??م آباد ۾ 5 هز??ر 749، بلوچستان ۾ 337، گلگت بلتستان ۾ 373، آزاد ڪشمير ۾ 579 ٽيسٽ ش??مل آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 4 لک 4 هزار 501 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪووڊ – 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص وينٽيليٽرز تي 279 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 40 هزار 922 آهي، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 4 لک 54 هزار 673 آهي.