اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان هنگ??ي جي پرڏيهي ۽ واپار و??ري وزير پيٽر سيزج جارتو جمعي تي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دوستاڻي رابطن جي مناسبت ۽ پوٽينشل کي نظر ۾ رکندي مضبوط اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آبي وسيلن جي انتظام، خوراڪ ?? زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم هنگ??ي جي ڪاروب??ري برادري تي زور ڏنو ته هو ڪاروبار دوست ماحول جو فائدو کڻندي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪ??ري ڪن. ملاقات ۾ ڪووڊ – 19 جي وبا جي معيشت تي منفي اث??ن جي ب??ري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي عوام جي ويڪسينيشن جي سلسلي ۾ هنگ??ي جي حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان نه رڳو پنهنجي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پر انهن کي معيشت تي ٿيندڙ منفي اث??ن کانپوءِ بک جي هٿان مرڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، وزيراعظم افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته افغانتسان ۾ تڪرار جو ڪوبه فوجي حل نه آهي ۽ صرف ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلي جو سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.