اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽيڪنيڪي اپ گريڊيشن ۽ جدت بابت جاپان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل منصوبن تي جلد عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان 6 ڏهاڪن تي ٻڌل گهڻ رخي فعال حصيداري جا حامل ملڪ آهن. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل جاپان جي سفير ڪني نوري مستودا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جاپان جي سفير کي ٻڌايو ته پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي)، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. هن ??يو ته حڪومت ناميارين قومي خابرو ادارن وانگر اي پي پي کي پريميم نيوز ايجنس?? ۾ ??بديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ 11 جديد اسٽوڊيوز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهن جو مقصد اي پي پي جي جديد ترين وڊيو نيوز سروس جي جوڙجڪ ۽ استحڪام آهي، وفاقي وزير جاپان جي سفير کي ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومتي قدمن جي بار?? ۾ ??ه آگاهه ڪيو. هن ??يو ته انساني وسيلن جي تربيت جي فراهم?? ۾ ??اپان جو تعاون ضروري هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير گيمنگ ۽ ايني ميشن جي ميدان ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت تي به زور ڏيندي ??يو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لا??اپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اطلاعات واري وزير فلم، ڊرامه، پوڊ ڪاسٽ ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ جاپان سان گڏيل منصوبن جي ضرورت تي به زور ڏنو، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ جاپان جي سفير ميڊيا ۽ اطلاعات جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ جاري گڏيل منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.