ڪراچي – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مو??ب وزيراعظم ڪراچي شپ يارڊ ۾ شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم (ايس ايل اينڊ ٽي ايس) جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان هوندو. وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۾ ڪراچي ٽرانفارميشن پلان بابت جائز?? اجلاس جي صدارت کانسواءِ ڪي پي ٽي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪندو. وزيراعظم کي ڪي پي ٽ?? جي ڪارڪردگي تي بريفنگ به ڏني ويندي، ان کانپوءِ وزيراعظم سون مياڻي ساحل لسٻيلا ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم ٻ??ٽا هڻندڙ ڪارڪنن ۽ مقامي ماڻهن کي خطاب به ڪندو.