اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته افغانستان ۾ پ??ئيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ امن ۽ مستحڪم حڪومت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار ۽ ترقي کي دهشتگردن هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو. پاڪستان ?? چين جي سفير نونگ رونگ گهرو وزير جي رهائشگاهه تي ان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ چين ٻه طرفن لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گهرو وزي?? چيني سفير ۽ ٻين تي سفارتي عملي کي مانجهاندو ڏنو. ان موقعي تي گهرو وزي?? چيو ته افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان جو خطو تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. افغانستان ۾ پ??ئيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته گهرو وزارت افغانستان مان نڪرندڙن کي ڀرپور معاونت ڏئي رهي آهي، چيني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. ان موقعي تي چيني سفي?? چيو ته پاڪستان ?? چيني ڪمپنيون مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن. چيني شهرين ۽ ڪمپنين لاءِ سيڪيورٽي پروٽوڪول وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.