اسلا?? آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي ح??صل ڪرڻ جي جد??جهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربري?? جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي مجموعي صورتحال ۽ آئنده لاءِ تعمير ۽ ترقي جي لائحه عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سردار عبدالقيوم نيازي کي آزاد ڪشمير جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي مٿس اعتماد ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪوم?? جي ترجيح جتي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مسئلن جو حل آهي اتي سرحد پار پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مسئلن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ به هر ??مڪ?? ڪوشش ڪرڻ آهي، جيڪي ڀار?? جي غير قانوني ڏاڍ ۾ بي پناهه مسئلن جو شڪار ۽ سختيون برداشت ڪري رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي ح??صل ڪرڻ جي جد??جهد ۾ ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربري?? جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.