اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آه?? ته تعم??را??ي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آه??، ملڪ جي عام ماڻهو کي معاشي طور تي بهتر بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آه??، پراپرٽي، هائوسنگ ۽ ڪنسٽرڪشن نمائش 2021ع تعم??را??ي شعبي ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا اجاگر ڪندي، تعم??را??ي صنعت کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پراپرٽي، هائوسنگ ۽ ڪنسٽرڪشن ايڪسپو 2021ع جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ايڪسپو جو انعقاد نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي گڏيل ڪوشش آه??. ايڪسپو 5 سيپٽمبر تائين جاري رهندو. نمائش تعم??را??ي شعبي ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا وسيعا موقعا اجاگر ڪندي. تعم??را??ي شعبو ملڪي معيشت جي ترقي ۽ استحڪام ۾ اهميت رکندڙ آه??. تعم??را??ي شعبي جي ترقي سان واڳيل 40 صنعتن کي فروغ ملندو جڏهن ته روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. وز??را??ظم چيو ته ايڪسپو جي موقعي تي نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ آءِ سي سي آءِ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پوري ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سڄو خام مال پاڪستان ۾ ئي ملي ۽ انڊسٽري درآمدات تي گهٽ دارومدار ڪري، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سمورو لاڳاپيل خام مال پاڪستان جي اندر ئي مينوفيڪچر ڪيو وڃي، آئون يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت ان حوالي سان ڀرپور تعاون ڪندي. هن چيو ته ??اڪستان ۾ تعم??را?? جي شعبي ۾ تيزي اچي رهي آه??، ملڪ جي آبادي 22 ڪروڙ آه?? ۽ ان آبادي کي گهر جي ضرورت آه??، اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن موقعو ئي ناهي مليو ته ??ڪ عام ماڻهو، ڏهاري تي ڪم ڪندڙ ۽ عام سرڪاري ملازم پنهنجو گهر ٺاهي سگهي، اسان ٻن سالن ۾ عدالتن کان گهرن جي تعمير جي لاءِ بئنڪن کان پئسا ڏيڻ جي حوالي سان فيصلا منظور ڪرايا، هاڻي بئنڪون ماڻهن کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ رقم ڏينديون. وز??را??ظم عمران خان چيو ته تعم??را??ي شعبي جي ترقي ۽ طلب ۾ اضافي جي ڪري تعم??را?? وڌندي ۽ اهڙي طرح تعم??را??ي شعبي سان واڳيل صنعتون پڻ ترقي ڪنديون. هن چيو ته ??لڪ جي ڪمزور ۽ غريب طبقي کي غربت مان ڪڍڻ حڪومت جي اولين ترجيح آه??، دنيا ۾ ڪو به ملڪ ان وقت تائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيستائين ان ۾ هڪ ننڍو طبقو امير ۽ باقي غريبن جو سمنڊ هجي، ماضي جي حڪومتن عام ماڻهو جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، اسان جو نظام عام ماڻهو کي سهولتون فراهم ڪرڻ بدران وڌيڪ الجهاءُ جو شڪار ڪري ٿو. هن چيو ته ??اڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسي اها آه?? ته اسان ان طبقي کي اڳتي وٺي اچون جنهن کي 70 سالن کان نظرانداز ڪيو ويندو رهيو، اسان کي چين جي ترقي جي ماڊل کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته ڪورونا دوران اسان تعم??را??ي شعبي کي کليل رکڻ جي اجازت ڏني ڇو جڏهن ??اڪ ڊائون ڪيو وڃي ٿو ته عام ماڻهو، پورهيت طبقو يا ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته جڏهن سڌارن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته اهو هڪ جدوجهد جو نالو آه??، نظام ۾ تبديلي ڪرڻي هوندي آه??، اڄ پاڪستان ۾ سوچ تبديل ٿي رهي آه??. هن چيو ته ??ه سال اڳ تعم??را?? جي حوالي سان جيڪي رڪاوٽون هيون هاڻي اهي نه آه??، اسان مسلسل سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آه??ون. وز??را??ظم چيو ته تعم??را??ي شعبي ۾ وڏي انگ ۾ روزگار جا موقعا موجود آه??، ڪو به ملڪ ان وقت ترقي ڪندو آه?? جڏهن ان ملڪ جي نوجوان نسل کي روزگار ميسر هجي، ان کانسواءِ جيستائين ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافو نه ٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ملڪ جي دولت نه ٿي وڌي سگهي، ملڪي قرضن جي ادائيگي به معيشت جي ترقي سان ئي ممڪن آه??. هن چيو ته اها تمام ضروري ڳالهه آه?? ته حڪومت انڊسٽريز جي لاءِ آسانيون پيدا ڪندي ان سان تعاون ڪري پر ان سان گڏوگڏ صنعتن جي به اها ذميواري آه?? ته اهي به ٽيڪس جي ادائيگي جي ذريعي حڪومت سان تعاون ڪن. هن ايڪسپو منعقد ڪرڻ تي نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ آءِ سي سي آءِ کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس سان گڏجي ڪم ڪنداسين، مشڪلاتن کي ختم ڪيو ويندو، تعم??را?? بابت ايندڙ اجلاس ۾ سي ڊي اي کي پڻ گهرائينداسين ۽ سمورين مشڪلاتن کي حل ڪيو ويندو.