اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي خت?? ڪري رهي آهي، سيڙپڪاري جي لاءِ هر ممڪن آساني پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي آساني لاءِ ون ونڊو سروسز پورٽل قائ?? ڪرڻ ۾ عملي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ون ونڊو سروسز قائ?? ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته سيڙپڪاري بورڊ تحت ون ونڊو سروسز پورٽل قائ?? ڪرڻ سيڙپڪارن کي درپيش مشڪلاتن کي خت?? ڪرڻ جي لاءِ عمل ۾ آندو پيو وڃي. پورٽل نه رڳو انتظامي ۽ قانوني منظوريون حاصل ڪرڻ پر صنعتن کي سهولتن جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪندو. ان جي لاءِ لاڳاپيل کاتن کي ??ن مرحلن ۾ پورٽل ۾ شامل ڪيو پيو و??ي، پورٽل ۾ ڪاغذي ڪارروائي ۽ ڊيجيٽل منظوريون شامل آهن. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پورٽل ۾ نه رڳو وفاقي کاتا پر صوبائي کاتا به شامل ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون خت?? ڪري رهي آهي، سيڙپڪارن جي لاءِ هر ممڪن آساني پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پورٽل جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت ۽ ٺوس ڪوآرڊينيشن کي ??قيني بڻايو و??ي، پورٽل کي ??قرر مدي اندر قائ?? ڪرڻ ۽ فعال بڻائڻ کي ??قيني بڻايو وڃي.