اسلا?? آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پ??رل??امينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ سومر ڏينهن شام 4 وڳي ٿيندو. پ??رل??امينٽ جي ان گڏيل اجلاس کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ڪندو. پ??رل??امينٽ جي گڏيل اجلاس جي وقت ۾ تبديلي پڻ ڪئي وئي. اڳ ۾ اهو اجلاس صبح 11 وڳي ٿيڻو هو جڏهن ته صدر پ??رل??امينٽ جي گڏيل اجلاس جي وقت ۾ تبديلي آئين جي آرٽيڪل 54 ۽ 56 ۾ ڏنل اختيارن تحت ڪئي آهي. صدر جي خطاب سان موجوده قومي اسيمبلي جو چوٿون پ??رل??اماني سال شروع ٿي ويندو. ان اجلاس جي حوالي سان خاص انتظام ڪيا ويا آهن.