نيويارڪ / اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي بي??جيئم جي نائب وز??راعظم ۽ پرڏيه?? وزير سوفي وليمز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل مهيني ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان بي??جيئم کي يورپي يونين ۾ پاڪستان جو اهم واپاري حصيدار سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وز??راعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ بي??جيئم جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيه?? وزير جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت تي بي??جيئم جي نائب وز??راعظم ۽ پرڏيه?? وزير جا ٿورا پڻ مڃيا. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن جي وچ ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال ت?? پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ پاڪستان سميت پوري خطي جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران جي خطري کي سامهون رکندي عالمي برادري کي گهرجي ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کڻي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ افغان عوام جي انساني ۽ معاشي مدد عالمي برادري پاران مثبت پيغام پهچائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندي. بي??جيئم جي نائب وز??راعظم ۽ پرڏيه?? وزير سوفي وليمز ڪابل مان بي??جيئم جي سفارتي عملي جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل خصوصي تعاون تي پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا پڻ مڃيا. ٻنهي پرڏيه?? وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.