اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دوري تي لنڊن پهچي ويو آهي، هيٿرو ايئرپورٽ پهچڻ تي برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان ۽ نائب سف??ر ڊاڪٽر فيصل عزيز ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اڄ رات پاڪست??ن هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي برطانوي فارن افيئرز ڪميٽي جي سربراهه ۽ پارليامينٽ مي??برن، برطانوي پرڏيهي وزير الزبيٿ ٽرس ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائنده شخصيتن سان ملاقات پڻ ڪندو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ ??هم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير لنڊن ۾ ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ پاڪ برطانيا لاڳاپن، ??هم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. پرڏيهي وزير جو اهو برطانيا جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي.