اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي رياست باهه ۽ رت جو هڪ در??اء?? مان ٿي نڪتي آهي، اسان هزارين ??اڻ??ن جون ق??با??يون ڏنيون آهن، انهن ق??با??ين جي نتيجي ۾ اسان القاعده جهڙي دهشتگرد تنظيمن کي شڪست ڏني، هندستان جي باقيات کي به مڪمل ڪيو، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم اڄ جيڪي اصول جوڙيا اهي ئي اصول آهن ته اسان پنهنجي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي انهن ??اڻ??ن کي واپس رستي تي آڻي سگهون جيڪي پنهنجي مخصوص حالتن جي پيش نظر پاڪستان جي رستي تان جدا ٿي ويا هئا ته جئين اهي هڪ عام شهري جي حيثيت سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن، جمعي کانپوءِ پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي بيان کي کڻي ڪافي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ضروري آهي ته ان جو هڪ پس منظر عوام جي سامهون رکيو وڃي، هن چيو ته الحمدالله اڄ پاڪستان پهرين کان وڌيڪ مضبوط ۽ پرعزم بيٺل آهي، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته رياست جون پاليسيون هڪ مخصوص پس منظر ۽ مخصوص حالتن تحت ٺهنديون آهن، انهن مخصوص حالتن ۾ بي شمار خاندان ۽ ??اڻ??و جيڪي پاڪستان سان عهد وفا نه نڀائي سگهيا، اهي هي عهد نڀائڻ واپس اچڻ چاهين ٿا، هن چيو ته بلوچستان ۾ 3 هزار کان وڌيڪ اهي ??اڻ??و ناراض هئا ۽ هندستان جي چالاڪين جو شڪار ٿيا، اهي واپس اچي چڪا آهن، اهڙي طريقي سان ڪالعدم ٽي ٽي پي جا مختلف گروه آهن انهن گروهن مان به اهڙا ??اڻ??و آهن جيڪي پاڪستان سان پنهنجي وفا جو عهد نڀائڻ چاهين ٿا ۽ هڪ صلح جو، امن پسند ۽ آئين کي مڃي اڳتي هلڻ جو پيمان ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته اسان جو مڃڻ آهي ته رياست کي اهڙن ??اڻ??ن کي موقعو ڏيڻ گهرجي ته هو زندگي جي ڌا??ا ۾ واپس اچي سگهن، چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جيڪي اڄ اصول جوڙيا آهن جن جي مٿان اسان کي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، هي اهي ئي اصول آهن ته اسان پنهنجي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي انهن ??اڻ??ن کي جيڪي پنهنجي مخصوص حالتن جي پيش نظر پاڪستان جي رستي تان جدا ٿي ويا هئا، کي واپس رستي تي آڻي سگهون ۽ هو پاڪستان جي هڪ عام شهري جي حيثيت سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.