اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي خوشگوار لاڳاپا موجود آهن، پاڪستان بحرين سان ??اپ??ر، سيڙپڪاري کي فر??غ ڏيڻ جو خواهش??ند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد عبدالقادر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي خوشگوار لاڳاپا موجود آهن، پاڪستان بحرين سان ??اپ??ر، سيڙپڪاري کي فر??غ ڏيڻ جو خواهش??ند آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏٺو ويندڙ موقعن جي ڀيٽ ۾ ٻطرفي ??اپ??ري ماپو گهٽ آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??اپ??ري ماپي کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطن ۾ فر??غ ضروري آهي،. بحرين جي نمائندن جي ڪائونسل جي اسپيڪر جو نومبر ۾ متوقع دورو پاڪستان پارلياماني رابطن جي فر??غ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. اسد قيصر چيو ته پاڪستان ۾ بهترين هنر??ند افرادي قوت موجود آهي، بحرين پاڪستان سان هنر??ند افرادي قوت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ان موقعي تي بحرين جي سفير چيو ته بحرين پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، بحرين اقتصادي ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فر??غ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته خطي ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني بحرين جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. محمد ابراهيم محمد عبدالقادر چيو ته بحرين پاڪستان سان وڌيڪ هنرمندي افرادي قوت درآمد ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو.