اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان عالمي برادري ??ي زور ڏيندي چيو آهي ته اها افغانستان ۾ ڊگه?? مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي، افغانستان ۾ زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ??رورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله سان ملاقات دوران ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزير??عظ?? عمران خان ايران جي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي پهرين دوري ??ي آجيان ڪندي افغانستان جي موجوده معاشي صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۾ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ??رورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته غيرمعمولي اجلاس سان اسلام?? تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي افغانستان ج?? مدد جو موقعو ملندو. وزير??عظ?? عالمي برادري ??ي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ ڊگه?? مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي. ٻطرفن معاملن بابت وزير??عظ?? عمران خان دوستاڻن ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ايران خاص طور تي سپريم ليڊر پاران ڪشمير تڪرار تي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزير??عظ?? ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ج?? دوري ??ي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله افغانستان بابت اسلام?? تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني جي فيصلي تي پاڪستان کي ساراهيو. هن گڏيل لاڳاپن جي فروغ لاءِ ايران جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.