اسلام آباد ??? 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي و??يرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل انڊونيشيا جي پنهنجي هم منصب ريتنو مرسودي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي و??ارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئ??. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پاڪستان انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ حصيداري جو خواهشمند آهي. پرڏيهي و??ير عورتن جي حقن جي لاءِ موثر آواز اٿارڻ تي انڊونيشيا جي پرڏيهي و??ير کي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان انڊونيشيا سان واپار، سياحت ۽ سيڙڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار جي فرو?? لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي فراهمي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي پرڏيهي و??ير محترمه ريتنو مرسودي شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.