اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب ڪراچي ڌماڪي ۾ عا??مگير خان جي والد سميت قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته عا??مگير خان جي والد سان ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿ??، انتهائي عاجز ۽ شفيق انسان هو. مملڪتي وزير چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ سمورن فوت ٿ??ندڙن جا درجا بلند فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر جميل ??طا فرمائي.