اسلام آباد – 27 ڊسمبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد جي ورسيءَ تي ننڍا ننڍا سياستدان پنهنجي قد کان به وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پ??پلزپارٽي جهڙي وڏي سياسي پارٽي کي زردارين ٽڪي ٽوڪري ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ ٽ??ئيٽ ۾ هن چيو ته ڀٽو جهڙي قدآور سياستدان ج?? سياست اڄ سياسي ڄامڙن ج?? حوالي آهي، جڏهن سياسي پارٽين ج?? اسٽرڪچر نه هجي ته پوءِ اهڙو نقصان ٿيندو آهي.