اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي نو??وانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگردن، مقامي آبادي ۽ سياحن جي س??ولت لاءِ گلگت بلتستان ۾ انٽرني?? جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪ چين اقتصادي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي اسڪردو جي شاگردن ۽ استادن سان م??اق??ت دوران ڪيو. يونيورسٽي آف بلتستان اسڪردو جي وا??يس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نعيم خان صدر کي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته هن وقت يونيورسٽي جي مختلف ڪئمپسز ۾ 3200 شاگرد مختلف پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. صدر چيو ته گلگت بلتستان جي نو??وانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ ۽ صنعت جي وڌندڙ ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هنرمند گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو، مقامي آبادي ۽ سياحن جي س??ولت لاءِ گلگت بلتستان ۾ انٽرني?? جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته يونيورسٽيون مقامي نو??وانن جي مهارت ۾ اضافي تي ڌيان ڏين، آن لائين تعليم جو ڪاٿو وڌائي شاگردن کي مارڪيٽ ضرورتن موجب هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، حڪومت گلگت بلتستان جي ماڻهن جي معاشي صحت بهتر بڻائڻ جيل اءِ سياحت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ گلگت بلتستان کي مرڪزي مقام حاصل آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ميون جي پروسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ معدنيات شعبي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ معاشي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. صدر گلگت بلتستان جي شاگردن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.