اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت جي قدمن تي مقرر ڪيل مدي ۾ عملدرآمد ??ي يق??ني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اسپي??ل اڪنامڪ زونز تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم کي اسپي??ل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رشڪئي، بولان ۽ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي مڪمل طور تي فعال ٿي چڪا ۽ اتي صنعتن جي تعمير تي تيزي سان ڪم ??ار?? آهي، ڌاٻيجي اسپي??ل اڪنامڪ زونز تي به ڪم تيزي سان ??ار?? آهي ۽ ان کي جلد فعال بڻايو ويندو، اجلاس کي اسپي??ل اڪنامڪ زونز ۾ صنعتن لاءِ موجود زمين ۽ 130 ڪمپنين کي صنعتن جي تعمير لاءِ 1500 ايڪڙ زمين جي 2021ع ۾ منظوري ۽ الاٽمينٽ جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فعال اسپي??ل اڪنامڪ زونز ۾ بجلي ۽ گئس جي فراهمي يق??ني بڻائي وئي آهي، وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت جي قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد ??ي يق??ني بڻائڻ جون هدايتون ??ار?? ڪيون. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر حسن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.