بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم ??مران خ??ن جي چين جي دوري جو باقاعده آغاز ٿي ويو آهي، وزيراعظم ڪاروباري ملاقاتن کانسواءِ ونٽر اولمپڪس جي افتتاحي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. اها ڳالهه هن وزيراعظم ??ي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم ??مران خ??ن جي چين جي دوري جو باقاعده آغاز ٿي چڪو آهي، اڄ وزيراعظم 18 کان وڌيڪ سيڪٽرز ۾ وڊيو ڪانفرنسز ڪيون. انهن ڪانفرنسز کانپوءِ وزيراعظم ??مران خ??ن چين جي سڀ کان وڏي ٽي وي چئنل سي جي ٽي اين کي انٽرويو به ڏيندو. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪاروباري ملاقاتن کانسواءِ وزيراعظم ??مران خ??ن پنهنجي وفد سان گڏ ونٽر المپڪس جي افتتاحي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جو اهو پهريون حڪمران آهي جنهن کي المپڪس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، 20 کان وڌيڪ ملڪي سربراهه ان تقريب ۾ اڄ شرڪت ڪندا.