اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم جو چ??ن جو دورو اسان جي اميدن کان به وڌيڪ ڪامياب رهيو، سرمائي اولمپڪس تقريب ۾ مختصر پاڪستاني دس??ي جو چيني عوام جهڙي طرح استقبال ڪيو ان جو مثال نه ٿو ملي، چين ۽ پاڪستان هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل هئا ۽ بيٺل رهندا، والاريل ڪشمير جي حوالي سان چين ۽ پاڪستان جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي، مارچ جي آخري هفتي ۾ چ??ن جو دورو ڪندس، بيجنگ ۾ افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن جو اهم اجلاس ٿيندو. وزيراعظم عمران خان جي چ??ن جي دوري جي حوالي سان وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي چ??ن جي صدر شي جن پنگ سان تفصيلي م??اق??ت ٿي، جڏهن ته م??اق??ت ۾ گڏيل لاڳاپن ۽ سي پيڪ منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ سان ايتري ٺوس ۽ تفصيلي م??اق??ت اڳ ۾ ناهي ٿي. وزيراعظم عمران خان جون ناليوارين چيني ڪمپنين سان 18 کان 20 م??اق??تون ٿيون. پرڏيهي وزير چيو ته پنهنجي چيني هم منصب وانگ يي سان م??اق??ت ۾ طئي ٿيو ته افغان صورتحال جي حوالي سان مارچ جي آخري هفتي ۾ چ??ن جو دورو ڪندس، افغان معاملي تي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي لاءِ بيجنگ ۾ افغانستان جي سمورن ويجهي پاڙيسري ملڪن جو به اهم اجلاس ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته چين افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو آهي، ان کانسواءِ چين، پاڪستان ۽ افغانستان جي ٽه ڌريي گروپ کي ٻيهر فعال ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته مودي جي حڪومت جي دور ۾ مسلمانن سميت ڀارتي اقليتن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت ۾ مسلمانن سميت سمورن اقليتن سان ٿيندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تي سخت ڳڻتي آهي، اتي انساني حقن کي پائمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته والاريل ڪشمير تي چين پاڪستان جي موقف جي مڪمل حمايت کي ورجايو آهي، والاريل ڪشمير جي حوالي سان چين ۽ پاڪستان جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي. هن چيو ته چ??ن جي قيادت سان اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم عمران خان چ??ن جي ناليوارين ٿنڪ ٽينڪس ۾ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستاني دس??ي جو اسٽيڊيم اچڻ تي چيني عوام جهڙي طرح استقبال ڪيو ان جو مثال نه ٿو ملي، فيصلو ٿيو آهي ته ڪامياب چ??ن جي دوري جي نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فالو اپ مڪينزم بڻايو ويندو.