اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڪيچ بلوچستان ۾ فوجي چوڪي تي دهشتگردن ج?? بزدلاڻي ح??لي جي شديد مذمت ڪندي سيڪيورٽي فورسز تي ح??لي ۾ جوانن ج?? شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته بلوچستان ج?? علائقي ڪيچ ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر سپوٽن ج?? جرئت ۽ بهادري کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪ جي تحفظ خاطر، شهادت ماڻيندڙن ج??ن قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته امن دشمن عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي دم پٽينداسين. دهشتگردي جي خل??ف پوري قوم شيهي جي ديوار وانگر پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پرڏيهي وزير شهيدن ج?? پوئينرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.