اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اسلام آباد ۾ نيشنل سوشل ميڊيا ڪوآرڊينيشن ورڪنگ گروپ (اين ايس ايم سي ڊبليو جي) سان فيس بڪ، انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ميسينجر جي بنيادي ڪمپني (ميٽا) جي نمائندن حڪومت جي ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن جي سلسلي ۾ قدمن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان آڪٽوبر 2021ع ۾ اين ايس ايم سي ڊبليو جي جوڙيو هو ته جيئن ڊيجيٽل پليٽ فارمز سان ڳاله??ون ڪري سوشل ميڊيا بابت پاليسين تي ڪم ڪري سگهجي. ورڪنگ گروپ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي تي پڻ ڀرپور ڌيان ڏئي رهيو آهي. ورڪنگ گروپ سان پنهنجي پهرين اجلاس ۾ ميٽا جي نمائندن حڪومت کي ??نهنجي انهن قدمن بابت آگاهه ڪيو جيڪي ڊيجيٽل خواندگي، شموليت ۽ ڪم جي اهليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هنن رابطي، نقصانڪار مواد کي ??ٽائڻ جي لاءِ ٽولز ۽ سسٽمز، مقامي قانونن، قاعدن ۽ ضابطن جي فريم ورڪ جي تعميل ۽ مقامي مواد جي تخليقڪارن جي مدد ڪرڻ جي طريقن جي شعبن ۾ ممڪن گڏيل تعاون جي ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اين ايس ايم سي ڊبليو جي ميٽا جي سمورن پليٽ فارمز سان نقصانڪار ۽ غيرقانو??ي مواد کي ??وثر ۽ وقت سر معتدل بڻائڻ بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين ان ڏس ۾ طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ ۽ مواد کي ??عتدل بڻائڻ ۽ مقامي قانونن جي تعميل جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو. ميٽا جي ميمبرن ڊيجيٽل منظرنامي تي موجودگي وڌائڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي مستقبل جي منصوبن کي ساراهيو. وڌيڪ اهو ته ميٽا اور ورڪنگ گروپ اڪيڊميا، انڪيوبيشن سينٽرز، اسٽارٽ اپس ۽ ٽيلي ڪام سروسز فراهم ڪندڙن سان حصيداري ڪري پاڪستان ۾ ڪميونٽي ليب جي ممڪن قيام تي اتفا?? ڪيو. اها ليب پاڪستان ۾ ڪنيڪٽيويٽي ايڪو سسٽم کي ??ڌائڻ ۾ مدد جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي حل تيار ڪرڻ ۽ جانچن جي لاءِ هڪ پليٽ فارم ڏيندي. ڏکڻ ايشيا جي لاءِ ميٽا جي پبلڪ پاليسي بابت هيڊ صارم عزيز چيو ته ورڪنگ گروپ جي جوڙجڪ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي لاءِ حڪومتي ڌرين سان رابطي ۾ رهڻ، ويزن ۽ خيالن جي حصيداري ڪرڻ ۽ گهربل ضرورتن جي سلسلي ۾ فوري ڪارروائي کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. اسان وڏي پئماني تي اقتصادي ترقي آڻڻ جي لاءِ ڪنيڪٽيويٽي انفراسٽرڪچر ۽ ڊيجيٽل اپ اسڪلنگ پروگرامن ۾ حصيداري ڪر??ون ٿا ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي پاڪستان ۾ پائيدار ڊيجيٽل معيشت بڻائڻ جي پاڪستان حڪومت جي ويزن کي ساراه??ون ٿا ۽ اسان ان ڳالهه کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آه??ون ته آن لائين جا??ون محفوظ، آزاد ۽ پاڪستان ۾ هر ڪنهن جي لاءِ پهچ جوڳ??ون رهن. اين ايس ايم سي ڊبليو جي ٻڌايو ته هي ميٽا سان هڪ نتيجاخيز ۽ ڪارائتي پهرين ڳالهه ٻولهه هئي ۽ ورڪنگ گروپ ڊيجيٽل سيڙپڪاري جي لاءِ مشاورت جاري رکي آهي جيڪا ڊگهي مدي واري پائيدار اقتصادي ترقي کي سگهه ڏيندي. اسان ان ڏس ۾ ميٽا جي حوصلا افزائي ڪر??ون ٿا جيڪا نه رڳو مقامي رابطي جي ڪوششن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي پر اها پاڪستاني ڪاروبارن ۽ تخليقڪارن جي لاءِ پنهنجي پليٽ فارمز تي بامعنيٰ، اعتماد جوڳي آمدني پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف طريقا به ڳولي رهي آهي ?? مستقبل ۾ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هي حڪومت ۽ ميٽا جي وچ ۾ پهر??ون اجلاس ٿيو آهي جنهن پاڪستان حڪومت ۽ ميٽا ۾ شروع ٿيندڙ ڪيترن ئي مصروفيتن جو تعين ڪيو آهي ڇو ته ٻئي سڄي ملڪ ۾ ڊيجيٽل ڪنيڪٽيويٽي ۽ شموليت کي ??ڌائڻ جو وچن ڪن ٿا.