اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ٽيليفون ڪيو ۽ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي بحرين سان پنه??جي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ گهري اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون ک?? فروغ ڏيڻ لاءِ پنه??جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بحرين پاران عالمي وبا جي خلاف ڪامياب قدمن ک?? ساراهيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف بحريني قيادت پاران پرڏيهي پاڪستانين جي سارسنڀال لاءِ کنيل قدمن تي بحريني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. هن اسلام آباد ۾ ڪن?? حمد نرسنگ يونيورسٽي ۽ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي به آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي، بحرين ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستاني رهندڙ آهن ۽ پاڪستان ۽ بحرين جا لاڳاپا ??ڏيل مذهب ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، ٻئي ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن، 2021ع ۾ پاڪستان ۽ بحرين ۾ وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيا آهن.