اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جون جي آخري هفتي ۾ معمول کان وڌيڪ برسات ج?? اڳڪٿي تي فوري قدمن جي هدايت ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي صوبن ۽ ضلعي انتظاميا کي الرٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پي اي?? آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ انتظام ڪيا ??ڃن. وزيراعظم چيو ته نشيبي علائقن ۽ وڌيڪ برساتن جي لپيٽ ۾ اي??دڙ علائقن ۾ هينئر ک??ن ئي انتظام يقيني بڻايا ??ڃن. سندس چوڻ هو ته اڳواٽ حفاظتي انتظامن ۽ امدادي ساز و سامان جي دستيابي جي لاءِ وقت سر قدم کنيا ??ڃن. هن وفاق ۽ صوبن جي حصيداري سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زرعي علائقن ۾ فصلن، چوپائي مال جي حفاظت ۽ نقصانن کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خطري جي لپيٽ ۾ اي??دڙ علائقن جي رهواسين کي وقت سر خبردار ڪيو وڃي، محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي، پاڻي جي نيڪالي، نالن ۽ پاڻي گذرگاهن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسپري جا انتظام ڪيا ??ڃن.