اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪئناڊا سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاو?? جي فروغ جو خواهشمند آهي، ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا ۽ خاص طور تي بلوچستا?? جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر وينڊي گلور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي ۽ پاڪست??ن ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ دوستي ۽ خيرسگالي تي ٻڌل ڊگهي مدي واري حصيداري تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪئناڊا جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين ج?? فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ خاص طور تي بلوچستا?? جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ميرڪ گولڊ جلد منصوبي تي ڪم شروع ڪندي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران کان بچڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. يوڪري?? جي معاملي تي عالمي قانون ۽ گڏيل قوم?? جي چارٽر تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستا?? جي اصولي موقف کي ورجائيندي وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي ان مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم شهباز شريف ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يوڪري?? جي عوام جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان مان موڪليل امدادي سامان کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطي ۽ اعليٰ سطحي دورا وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي سفارتي لاڳاپ?? جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ گهرجي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪئناڊا جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ ڪئناڊا ۽ پاڪستا?? جي وچ ۾ تعاون ۽ خاص طور تي ڪئناڊا جي شهري?? جي انخلا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي پاڪستا?? جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ڪئناڊا جي هم منصب جسٽن ٽروڊو کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ان دوري سان پاڪست??ن ۽ ڪئناڊا جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا.