اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ج??رل سيڪريٽري شيخ عبدالمتين چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غي??قا??وني ڀارتي قدمن جي خلاف آواز اٿاريندي پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام ان ڏينهن کي استحصال ڏهاڙي طور ملهائيندي، ڀارت 5 آگسٽ جي غي??قا??وني ?? هڪ طرفي قدمن کانپوءِ ??ال??ريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي جي تناسب کي تيزي سان تبديل ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ ??ال??ريل علائقي ۾ ڀارتي قانون به لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت هڪ منصوبابندي طريقي تي ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، مودي جي قيادت ۾ ڀارتي انتهاپسندن خطي جو ام?? داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪشمير تي 75 سالن کان جاري غي??قا??وني ڀارتي قبضي ۽ ڀارتي قابض فوج جي انتهائي ڏاڍ ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، گڏيل قومون ڪشمير بابت پاس ڪيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. هن چيو ته ڪشميري عوام ۽ انهن جي پرعزم قيادت خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جدوجهد ۾ مصروف آهي ۽ اهي ڀارت جي غي??قا??وني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا.