اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قومي ت??انو ملڪ جي سڃاڻپ آهي، ري رڪارڊيڊ قومي ت??اني تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، اهو اسان سڀني جو ڪريڊٽ آهي، نئين ري رڪارڊيڊ قومي ت??اني ۾ پاڪستان جي ثقافتي، علائقائي رنگن جي عڪاسي ??ئي وئي آهي، لياقت علي خان کانپوءِ شهباز شريف ٻيو وزيراعظم هوندو جيڪو سڀاڻي پاڪستان جي آفيشل ري رڪارڊيڊ قومي ت??اني جو اجراءِ ڪندو، ملڪ جي دفاع جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز بي شمار قربانيون ڏنيون، ملڪ ۾ جڏهن به جمهوري دور آيو، ان جا ثمر پاڪستان جي عوام کي مليا، ڊائمنڊ ج??بلي جي موقعي تي هڪ سياسي پارٽي پاڪستان جو جهنڊو هٽائي پنهنجي پارٽي جو جهنڊو لڳائي پنهنجي پست ذهنيت جو ثبوت ڏنو آهي، آزادي جي ڏهاڙي تي اسان کي نوجوانن کي اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته اسان هڪ قوم آهيون، سبز هلالي جهنڊي هيٺ اسان سڀ گڏ آهيون، اسان کي ملڪي ت??قي جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ آچر ڏينهن قومي پرچم ڪشائي جي تقريب ۾ نئون ري رڪارڊيڊ قومي ت??انو لانچ ڪندو. هن چيو ته لياقت علي خان 1954ع ۾ پهريون ڀيرو قومي ت??انو لانچ ڪيو هو ۽ 68 سالن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جديد ٽيڪنالاجي سان ري رڪارڊيڊ قومي ت??اني جو افتتاح ڪندو. قومي ت??اني جي ت??ريخ جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته 1948ع ۾ سردار عبدالرب نشتر جي سربراهي ۾ حڪومت قومي ت??اني جي تياري جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. احمد غلام علي ڇاگلا جي تيار ڪيل ڌُن کي ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان ۽ ڪميٽي جي ميمبرن آڏو پيش ڪيو ويو، 10 آگسٽ 1950ع تي اسٽيئرنگ ڪميٽي احمد ڇاگلا جي ڌُن تي قومي ت??اني جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته 1954ع ۾ حفيظ جالنڌري جي لکيل ان ڌُن کي باضابطا طور تي منظور ڪري قومي ت??انو نشر ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته لياقت علي خان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ٻيو وزيراعظم هوندو جيڪو پاڪستان جي آفيشل قومي ت??اني کي لانچ ڪندو. هن ٻڌايو ته قومي ت??اني جي ري رڪارڊنگ جي سفر جي شروعات اسان 2017ع ۾ ??ئي هئي، اهو ڪنهن به قسم جو ڪريڊٽ نه آهي، هي پاڪستان جو قومي ت??انو آهي، ان ۾ پاڪستان جي گلوڪارن، هٿياربند فوج جي بينڊ ماسٽرز سميت ٻين ماڻهن حصو ورتو. هن چيو ته گذريل حڪومت 8 جون 2021ع تي جاويد جبار جي سربراهي ۾ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ??ئي هئي جنهن ۾ نيشنل اڪيدمي آف آرٽس جي سربراهه ارشد محمود سميت ٻين ماهرن کي پڻ شامل ڪيو ويو هو. هن چيو ته نئون ري رڪارڊيڊ قومي ت??انو سمورن صوبن سان تعلق رکندڙ 155 گلوڪارن ڳايو، 48 موسيقارن ۽ 6 بينڊ ماسٽرز ان ۾ حصو ورتو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته قومي ت??اني ۾ پاڪستان جي ثقافت، اقليتن سميت ثقافتي ۽ علائقائي رنگن جي عڪاسي ??ئي وئي آهي. هن اسٽيئرنگ ڪميٽي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ڪوششن سان قومي ت??اني جي 14 آگسٽ 2022ع تي لانچ ممڪن ٿي. هن چيو ته اسان جي خواهش هئي ته قوم کي 75 هين سالگرهه تي ري رڪارڊيڊ قومي ت??اني جو تحفو ڏنو وڃي. هن چيو ته آءِ ايس پي آر جي حصيداري سان اطلاعات واري وزارت هٿياربند فوج جي بينڊز کي استعمال ڪري قومي ت??اني جي ري رڪارڊنگ ڪئي. هن قومي ت??اني جي تياري ۾ تعاون تي ڊي جي آءِ ايس پي آر جا پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته اهو اسان سڀني جي لاءِ فخر جو سبب آهي، هر اهو شخص مبارڪباد جو مستحق آهي جنهن قومي ت??اني جي تياري کي ممڪن بڻايو جنهن جي ڪري اسان 68 سالن کانپوءِ 14 آگسٽ تي ري رڪارڊيڊ قومي ت??انو پيش ڪري سگهنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته قومي ت??اني ۾ اتحاد، اخوت ۽ علائقائي سڃاڻپ کي پوري پاڪستان ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اڄ آچر تي هڪ تاريخي موقعو آهي، ان تي اسان سڀ خوش آهيون. هن ٻڌايو ته ري رڪارڊيڊ قومي ت??اني جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي به مهم هلائي وئي جنهن جي عوام ڀرپور پذيرائي ڪئي. هن چيو ته منهنجي لاءِ فخر جوڳو موقعو آهي ته الله تعاليٰ هڪ اهڙي وقت ۾ مون کي ان عهدي تي ويهاريو آهي جڏهن اسان ري رڪارڊيڊ قومي ت??انو لانچ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر جي ٽيمن سميت اسان کي هٿياربند فوج جي بينڊ ماسٽرز، گلوڪارن ۽ موسيقارن تي فخر آهي جن ان قومي ت??اني جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جون ڊائمنڊ ج??بلي تقريبون سڄي ملڪ ۾ ملهايون پيون وڃن، اطلاعات واري وزارت پارليامينٽ، قومي اسيمبلي سميت سمورا قومي ادارا ان ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن. هن چيو ته ڊائمنڊ ج??بلي جون سموريون تقريبون پي ٽي وي تي لائيو ٽيليڪاسٽ ڪيون پيون وڃن. شاهراهه دستور تي اڄ جي تقريب جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اڄ شاهراهه دستور تي پوليس ۽ ايف سي جي دستن مارچ پاسٽ ڪيو ۽ سلامي ڏني، ان تقريب ۾ حصو وٺندڙ سمورا ادارا ۽ ماڻهو مبارڪباد جا مستحق آهن. هن چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن جن کي اسان خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي 75 سالا سفر ۾ جمهوري دور جا ثمر عوام کي ملي رهيا آهن. پاڪستان جي جهنڊي هيٺ اسان سڀ هڪ آهيون، پاڪستان جو جهنڊو ۽ قومي ت??انو اسان سڀني جو آهي، ان تي سياست صحي?? نه آهي، اهو اسان سڀني جو ڪريڊٽ آهي، اسان کي ان لمحي کي ت??ريخ جو حصو بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته علامه اقبال جنهن پاڪستان جو خواب ڏٺو ان جي ت??بير قائداعظم محمد علي جناح آزاد ملڪ قائم ڪري پوري ڪئي. هن چيو ته جڏهن به ملڪ ۾ جمهوري دور آيو ان جا ثمر عوام کي ملندا رهيا، 1973ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو، نواز شريف ٽي ڀيرا چونڊيل وزيراعظم رهيو، هن ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شروع ڪيل ائٽمي پروگرام کي نواز شريف پڄاڻي ت??ئين پهچايو، ملڪ کي پهرين موٽروي ڏني، وفاق جي سمورين اڪائين کي پاڻ ۾ ڳنڍيو، بينظير ڀٽو شهيد بطور وزيراعظم ملڪ جي ميزائيل ٽيڪنالاجي جي دور جي شروعات ڪئي. هن چيو ته 1947ع کانپوءِ ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ جي ت??ريخ پي ٽي وي تي گذريل ٻن هفتن کان ڏيکاري پئي وڃي. هن چيو ته اسان جون سموريون تقريبون پارليامينٽ، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي جي چوگرد گهمن ٿيون، ان جو مقصد نوجوان نسل کي آگاهه ڪرڻ آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل ئي ملڪ جي ت??قي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا آهن پر جمهوري دور هر مشڪل کي منهن ڏنو ۽ عوام سان گڏ بيٺل رهيو. هن چيو ته اڄ اسان فخر سان پاڪستان جي ڊائمنڊ ج??بلي ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته اچو 14 آگسٽ تي اسان وچن ڪريون ته اسان هن ملڪ ۾ محبت ۽ اتحاد پيدا ڪنداس??ن، ملڪ کي ت??قي جي راهه تي گامزن ڪنداسين. هن چيو ته اڄ رات 12 وڳي ڊي چوڪ تي آتشبازي ۽ ليزر شو جو پروگرام ٿيندو، قومي نغمن جي مقابلن ۾ چونڊ ڪيل 10 ملي نغما پڻ اڄ جي تقريب ۾ پيش ڪيا ويندا. هڪ سوال تي هن چيو ته ڊائمنڊ ج??بلي جي موقعي تي هڪ سياسي پارٽي پاران پاڪستان جو جهنڊو لاهي پنهنجي پارٽي جو جهنڊو لڳائڻ افسوسناڪ آهي، پاڪستان جي جهنڊي هيٺ اسان سڀ هڪ آهيون، اسان کي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي نوجوانن کي اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته اسان هڪ قوم آهيون، سبز هلالي جهنڊي هيٺ اسان سڀ گڏ آهيون. هن چيو ته پاڪستان جو قومي ت??انو ۽ سبز هلالي جهنڊو اسان سڀني جي آزادي جي علامت آهي. هن چيو ته 365 ڏينهن مان اسان وٽ 364 ڏينهن سياست جي لاءِ موجود آهن، هڪ سياسي پارٽي پاران 14 آگسٽ جي موقعي تي پاڪستان جو جهنڊو لاهي پنهنجي پارٽي جو جهنڊو لڳائڻ انهن جي پست ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي تي نفرت ۽ ورڇ پيدا نه ڪريو، ان سان پاڪستان کي نقصان ٿيندو، سڀ کان وڌيڪ نقصان انهن ماڻهن کي ٿيندو جيڪي ان ڪارروائي جو حصو آهن. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڊائيلاگ، مشورو يا سياسي مشاورت ڳالهه ٻولهه سان ٿيندي آهي گار سان نه، مشاورت کان اڳ رويو ۽ صحيح سوچ، ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت جي عمل کي اڳتي وڌائي ٿي، گار ۽ تصادم جي ذهنيت رکندڙن سان ڳالهه ٻولهه يا سياسي مشاورت نه ٿي ٿي سگهي. اي آر وائي نيوز چينل جي خلاف قانوني ڪارروائي جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته چينل بغاوت تي ٻڌل ريمارڪس نشر ڪيا، ايف آءِ اي ۾ ان ڪيس تي جاچ جاري آهي، گهرو وزارت کي به ان موجب ايڪٽ ڪرڻو آهي. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي ۽ ملڪ دشمني جي وچ ۾ لڪير ڪڍڻي پوندي، اهو بيانيو جنهن سان پاڪ فوج، سول بيوروڪريسي ۾ ورڇ پيدا ٿئي، اهو اظهار راءِ جي ڏس ۾ نه ٿو اچي. هن چيو ته صحافين ۽ انهن جي حقن جي ت??فظ جي لاءِ قانون موجود آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران پي ٽي وي کي ڏيوالپڻي جي ويجهو ڪيو ويو، پي ٽي وي کي مالي نقصان پهچائي اي اسپورٽس چينل کي فائدو پهچايو ويو. ايف بي آر ۾ ڏنل ڇوٽ جي حوالي سان به جاچ ??ئي ويندي، هن ملڪ جي هڪ هڪ پئسي جو حساب ورتو ويندو.