اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي ??ي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پا??ست??ن ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي تعاون جي فريم ورڪ، ٻو?? کان ڇوٽڪاري، خوراڪ جي حفاظت ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي سميت گڏيل قومن جي پا??ست??ن سان ڪم ۽ تعاون ??ي مختلف شعبن تي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي چارٽر ??ي مقصدن ۽ اصولن جي لاءِ پا??ست??ن جي پڪي عزم کي ورجائيندي چيو ته امن قائم ڪرڻ، انساني همدردي جي سرگرمين، موسمياتي تبديلين ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ عالمي تعاون جي شعبن ۾ پا??ست??ن گڏيل قومن جي ڪمن ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي ايجنڊا 2030ع ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پا??ست??ن جي اڳڀرائي جي حمايت ۾ گڏيل قومن پاران ادا ڪيل اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم سڄي پا??ست??ن ۾ تازي ٻو?? سبب ٿيندڙ تباهي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته متاثر علائقن ۾ ماڻهن کي انساني بنيادن تي ريليف جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر وزيراعظم کي گڏيل قومن جي پا??ست??ن ۾ پائيدار ترقي، انساني امداد، ماحولياتي تحفظ، خوراڪ جي حفاظت ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ جاري سرگرمين کان آگاهه ڪيو. هن ڪورونا وائرس جي وبا سان لچڪدار بحالي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پا??ست??ن جي جاري ڪوششن ۾ گڏيل قومن پاران مسلسل حمايت کي ورجايو. جولين هارنيس جنوري 2020ع کان پا??ست??ن ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي، گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم جنهن ۾ گڏيل قومن جون سموريون ايجنسيون، فنڊز، پروگرام شامل آهن، جي سربراهي ڪري رهيو آهي ۽ پا??ست??ن جي ترقياتي ترجيحن ۽ منصوبن سان گڏيل قومن ??ي ملڪ ۾ قدمن جي هم آهنگي يقيني بڻائي رهيو آهي.