اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آه?? ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا آه?? جن مان سڄي دنيا جا سيڙپڪار ف??ئدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ سوئيڊن ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پنهنجي ت??اون جي سل??لي کي جاري رکندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مقرر سوئيڊن جي سفير هنرڪ پرسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ۽ سوئيڊن جي سفير ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو. هنرڪ پرسن بلاول ڀٽو زرداري کي سوئيڊن جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگردن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ سفير جي وچ ۾ دنيا کي درپيش موسمياتي ت??ديلين جي چئلينج جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي چيو ته اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته سوئيڊش ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو فائدو کڻي رهيون آه??، دنيا جي ٻين ملڪن جون ڪمپنيون به پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي ڪن.