ڊيره غازي خان – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي و??يڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي ڊيره غازي خان ضلعي انتظاميا پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪيو. صدر ڊيره غازي خان ۾ 3 لک ايڪڙ کان و??يڪ زمين تي بيٺل فصل، قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ۽ هزارين عمارتن کي پهچندڙ نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر چيو ته ماڻهن جي جان ۽ مال، چوپائي مال، گهرن ۽ ??صل?? کي پهچندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ ح??ومت جي اولين ترجيح هجڻ گ??رج??. هن ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي و??يڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڊيره غازي خان ۾ جابلو ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ڊيلي ايڪشن ڊيمن جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ گ??رج??. هن چيو ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. صدر چيو ته حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي نقصانن جو جلد ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??صل?? جي انشورنس ڪرڻ سان آفتن سبب آبادگارن ۽ هارين جي نقصان کي پورو ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آبادگارن کي ??صل?? جي انشورنس ڪرائڻ جي ترغيب ڏني وڃي. ٻوڏ کانپوءِ بيمارين جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.