اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته اسان جي بهادر فوج پنهنجي عقيدي ۽ مضبوط ارادي سان اڄ کان 57 سال اڳ رات جي اونداهي ۾ پاڪ سرزمين تي حملو ڪندڙ پاڻ کان وسيلن ۽ سگهه ۾ چنئوڻ تي وڏي دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا، پوري قوم انهن شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي، اڄ سيپٽمبر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر قوم پنهنجي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ انهي جذبي سان هڪ جان ۽ ٻه دل بڻجي وئي آه??. وزيراعظم پاڪ فوج جي بهادر سپوتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ موجود پاڪستان مانومينٽ ۾ يادگار ??هداءِ تي گلن جي چادر چاڙهڻ کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پوري قوم اڄ پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري رهي آه?? جن اڄ کان 57 سال اڳ پاڪستان تي رات جي اونداهي ۾ دشمن جي بزدلاڻي حملي تي لااله الاالله جو ورد ڪندي دشمن جو دليري سان مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي رت سان پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت ڪئي. هن چيو ته اسان جي انهن شهيدن ۽ غازين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دشمن جي مڪار ??ملي کان پاڪستان جي سرزمين کي بچايو، ڌرتي جي هڪ هڪ انچ جي پنهنجي جان کان وڌيڪ حفاظت ڪئي، دشمن جا ڏند کٽا ڪرائي ڇڏيا. وزيراعظم چيو ته اڄ ٻيهر ٻوڏ کان متاٿر ماڻهن جي مدد لاءِ پوري قوم هڪ جان ۽ ٻه دلي آه??، نه ڪو پنجابي، نه سنڌي، نه پٺاڻ، نه بلوچي، نه بلتي ۽ نه ڪشميري اهي پر مسلمان ۽ پاڪستاني هر طرح سان هڪ لڙي ۾ پڻجي چڪا آه??. هن برسات ۽ ٻوڏ جو ڏينهن رات مقابلو ڪري رهيا آه??. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ايتري وڏي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ناهي ڏٺي، سڄي قوم، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، هٿياربند فوج ۽ عوام گڏجي ان جو مقابلو ڪري رهيا آه??، ڏکويل انسانيت جو هٿ پڪڙي رهيا آه??، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ان دوران پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آه??. متاثرين کي محفوظ جڳهه تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آه??. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن هو ميجر عزيز ڀٽي شهيد، ميجر شب??ر شريف شهيد، سڪوارڊن ليڊر سرفراز احم?? رفيق شهيد، ميجر ضياءَ الدين عباسي شهيد سميت هر ??ن شهيد ۽ غازي کي سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندي ملڪ جي چپي چپي جو دفاع ڪيو، قربانين جي اها عظيم داستان رهندي دنيا تائين ياد رکي ويندي. هن چيو ته الله جي مدد ۽ نصرت سان پاڪستان دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو.