نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ??يويارڪ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب نيويارڪ ج?? جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏ??ل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي. هو ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن شرڪت کانپوءِ برطانيا کان نيويارڪ پهتو. نيويارڪ مان اي پي پي جي نمائندي موجب وزيراعظم شهباز شريف گڏ??ل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. هو فرانس ۽ اسپين جي صدرن ۽ آسٽريليا جي چانسلرن سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ۽ عالمي فضائي تحفظ جي حوالي سان سينيگال جي صدر ۽ آفريقي يونين جي ميزباني ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت به ايجنڊا ۾ شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ عالمي بئنڪ ج?? صدر ڊيوڊ ملپاس سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم ترڪ صدر ??جب طيب اردوان ۽ ايران جي صدر ??براهيم رئيسي سان پڻ ملاقات ڪندو. هو گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ??ابا ڪوروسي سان به ملاقات ڪندو ۽ آمريڪي صدر ??و بائيڊن پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر ??سائو لي ني نيستو سان ملاقات ڪندو ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهرواريءَ جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس، گڏ??ل قومن جي سربراهه، چين جي صدر ۽ جاپان جي وزيراعظم سان ملاقاتون به وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ شامل آهن. وزيراعظم شهباز شريف لڪسمبرگ جي وزيراعظم زاويئر بيٽل ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان به ملاقات ڪندو. وزيراعظم عالمي ??يڊ??ا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف 23 سيپٽمبر تي گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.