نيويارڪ – 21 –; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف گڏيل قومن جي جنرل اسيم??لي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي اڄ اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ورلڊ بئنڪ گروپ جي صدر ۽ ??ين غيرملڪي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ريف جنرل اسيم??لي جي اجلاس جي ٻئي ڏينهن به مصروف ڏينهن گذاريندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ ورلڊ بئنڪ گروپ جو صدر ڊيوڊ مالپس ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيم??لي جي 77 هين اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ زوم ميٽنگ جي به صدارت ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيم??لي جي 77 هين اجلاس جي صدر سابا ڪوروسي ۽ يورپي يونين جي صدر ارسالا وين ڊرلي اين سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم مصر پاران 27 هين سي او پي جي حوالي سان ٿيندڙ سربراهن جي بند ڪمري اجلاس ۾ به شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر سعولي ننس??و سان ٻطرفن معاملن تي ملاقات ڪندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيم??لي جي 77 هين اجلاس جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪن نيچرل هسٽري ميوزيم ويندو.