اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايڊووڪيٽ جنرل (شرط ۽ ضابطا) ترميمي آر??ر 2022ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آر??ر تحت ايڊووڪيٽ جنرل آفيس اسلام آباد ۾ لاء آفيسرن جي مقرري ممڪن ٿي سگهندي. لاء آفيسر ايڊووڪيٽ جنرل کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ معاونت فراهم ڪندا. آفيسرن جي مقرري گهرو ۽ قانون ۽ انصاف واري ڊويزنن جي وچ ۾ مشاورت سان ڪئي ويندي. ترميمي آر??ر جي ذريعي 2015ع جي صدر جي آر??ر نمبر هڪ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. صد?? ترميمي آر??ر جي منظوري وزيراعظم جي مشوري تي ڏني آهي.