اسلام آباد- 18 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي ڀلائي واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آه?? ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻوڏ متاثر 2.8 ملين خاندانن ۾ ٽارگيٽ ڪيش رليف ف??اه?? ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آه?? ۽ حڪومت طرفان 316 ملين ڊالرن جي رقم انهن خاندانن ۾ ورهائجي چڪي آه??. اها ڳالهه هن اٽلي ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چئي. هن چيو ته پاڪستان کي 2030ع تائين غذائي تحفظ بابت هدفن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو چئلينج درپيش آه??. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي 82 ضلعن ۾ تازي ٻوڏ سبب 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آه??. پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تقريبن 650000 ڳورهارين عورتن کي ويم جي خدمتن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مسئلا درپيش آه??، شازيه مري چيو ته تقريبن 4 ملين ٻار صحت جي خدمتن تائين پهچ کان محروم آه??، ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪردار کي سا??اه??ندي وفاقي وزير چيو ته ڊبليو ايف پي ۽ بي آءِ ايس پي پاڪستان ۾ صحت ۽ غذائيت جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ 15 ضلعن ۾ ”مشروط ڪيش ٽرانسفر پروگرام“ ”نشو نما“ جوڙيو آه??، هي پروگرام بي آءِ ايس پي ڪفالت پروگرام ۾ پهرين کان داخل ٿيل ڳورهارين ۽ کير پياريندڙ عورتن کي هڪ جامع پيڪيج ف??اه?? ڪري ٿو جنهن ۾ ويم، کير پياڪ ۽ ننڍن ٻارن جي غذائيت ۽ صحت جي طريقن بابت آگاهي سيشن، پي ايل ڊبليو ۽ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي خاص غذائيت سان ڀرپور خوراڪ جي ف??اه??ي، وقت کان پيدائش ۽ پوءِ جي پيدائش جي سارسنڀال جون خدمتون، معمول موجب ٻارن جي نشو نما جي نگراني ۽ حفاظتي ٽڪن جو ڪورس شامل آه??. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ڊبليو ايف پي ۽ بي آءِ ايس پي ڪمرشلائيزيشن جي حڪمت عملي جي رول آئوٽ تي ڪم ڪري رهي آه??، وڌيڪ ڊبليو ايف پي مستحقين کي بينظير نشو نما پروگرام کان ٻاهر ڪڍڻ جي حڪمت عملي تي پڻ ڪم ڪري رهي ته جيئن ڊبليو ايف پي کانسواءِ پڻ پاڪستان پنهنجي صحت جي نظام جي اندر اسٽنٽنگ جي روڪٿام لاءِ بهتر طور تي ڪم ڪري سگهي، هن چيو ته پاڪستان مستقبل ۾ ايندڙ آفتن لاءِ بهتر حڪمت عملي لاءِ تيار آه?? پر دنيا کي اهو سمجهڻ جي ضرورت آه?? ته هي وقت ڪنهن سان به پيش اچي سگهي ٿو، ڇو ته موسمياتي تبديلي هڪ خوفناڪ حقيقت آه?? جيڪا سڀني کان وڌيڪ ڪمزور آبادي کي متاثر ڪندي آه??.