اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري مان خص??صي ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ ختم ڪرڻ جي لاءِ قومي ۽ صوبائي سطح تي هڪ ٺوس آگاهي مهم جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اُجرت ڏيندڙ خص??صي ماڻهن جي معذوري کي نظر ۾ رکندي خص??صي نوڪريون پيدا ڪن ته جيئن انهن جي مڪمل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ پاران ايوان صدر ۾ معذور ماڻهن جي رجسٽريشن بابت بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته تربيتي ادارا خص??صي ماڻهن جي شموليت جي لاءِ قدم کڻن، خص??صي نصاب ۽ ٽيڪينڪ جوڙين، سڄي پاڪستان ۾ خص??صي ماڻهن جي معذوري جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ميڊيڪل بورڊ جي ٽرمز آف ريفرنس ۽ طريقيڪار کي هڪ جهڙو هجڻ گهرجي، هن تعليمي ادارن ۾ خص??صي ماڻهن سان بنا ڪنهن فرق جي سلوڪ ۽ مڪمل پهچ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. صدر معذور ماڻهن جي نادرا ۾ رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ، صحت جي سهولتن جي فرهامي، انهن جي معذوري جي سطح ۽ انهن جي نوعيت جو اندازو لڳائڻ جي لاءِ هڪ جهڙي، ٺوس سهولت جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خص??صي ماڻهو معاشري جا انتهائي برابر ميمبر آهن ۽ انهن جي شموليت هڪ مضبوط ۽ صحتمند معاشري جي ترقي لاءِ ضروري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اُجرت ڏيندڙن کي گهرجي ته اهي خص??صي ماڻهن جي معذوري کي نظر ۾ رکن ۽ انهن جي لاءِ خص??صي نوڪريون پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪن ته جيئن انهن جي مڪمل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. صدر خص??صي ماڻهن کي مفت خدمتون فراهم ڪرڻ، انهن جي لاءِ خص??صي ڪائونٽرز قائم ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ سمورين خدمتن جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ پنهنجي ڪيترن ئي مرڪزن ۾ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پهچ پيد ڪرڻ تي نادرا کي ساراهيو. صدر مختلف سطحن تي خص??صي ماڻهن جي لاءِ پيش ڪئي ويندڙ مختلف مراعتن ۽ اسڪ??من بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو، جن ۾ خص??صي ماڻهن جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وظيفو، ميٽرو بس سروس، بي آر ٽي پشاور، ريلوي ۽ پي آءِ اي ۾ رعايت شامل آهي، خص??صي ماڻهو انهن خدمتن فائدو کڻي سگهن ٿا ۽ پنهنجي صلاحيت کي وڌائي سگهن ٿا. صدر نادرا پاران جووينائل ڪارڊ جاري ڪرڻ کي پڻ ساراهيو ۽ 5 کان 9 سالن جي عمر جي خص??صي ماڻهن جي لاءِ پلاسٽڪ تي ٻڌل ڪارڊ ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪا خص??صي ماڻهن جي لاءِ ڪارائتا هوندا ۽ انهن کي رکڻ آسان هوندو. هن چيو ته معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ نادرا پاران تيار ڪيل بهترين طريقن ۽ انهن کي خدمتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٻين وفاقي ادارن جي بهترين طريقن کي سمورن صوبن سان هر سطح تي شيئر ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن اٽڪل 6 لک رجسٽرڊ معذور ماڻهن جي رڪارڊ کي برقرار رکڻ تي نادرا کي ساراهيو. هن چيو ته ان تناسب کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر خص??صي ماڻهن کي مفت خدمتون فراهم ڪرڻ، خص??صي ڪائونٽرز قائم ڪرڻ تي نادرا کي ساراهيو. صدر نادرا ۾ رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ سميت ٻين سهولتن جي هڪ جهڙي ۽ ٺوس فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته خص??صي ماڻهو معاشري جا برابر ميمبر آهن، انهن جي شموليت مضبوط ۽ صحتمند معاشري جي لاءِ ضروري آهي.