ماسڪو – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) س?? جي فروغ ۽ مس انفارميشن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ روس ۽ اسلامي دنيا جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ ”روس ۽ اسلامي دنيا – ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جا عملي قدم“ جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس کي خطاب ۾ مقررين ڪئي. جاري پڌرائي موجب ڪانفرنس جو اهتمام او آءِ سي ??يوز ايجنسينز جي يونين (يو اين اي)، گروپ آف اسٽريٽجڪ ويزن رشيا – اسلامڪ ورلڊ ۽ اسپتنڪ انٽرنيشنل نيوز ايجنسي ڪيو هو. عالمي ڪانفرن?? ۾ ??وسي ??يڊريش?? جي عملدارن، اسلامي تعاون تنظيم، علائقائي ۽ عالمي ادار?? جي نمائندن ۽ مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ ميڊيا ماهرن شرڪت ڪئي. تاتارستا?? جي صدر ۽ گروپ آف اسٽريٽجڪ ويزن ”رشيا – اسلامڪ ورلڊ“ جي چيئرمين رستم مني خانوف ڪانفرنس کي پنهنجي وڊيو خطاب ۾ چيو ته روس ۽ اسلامي دنيا جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي لحاظ کان اعليٰ درجي جي اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل آهن. ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاو?? جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو ته مسلمان ملڪن سان ميڊيا جي ذريعي تعاون روس جي عالمي پاليسي جو بنيادي رخ آهي. فيڊريشن ڪائونسل ڪميٽي آن انٽرنيشنل افيئرز جي چيئرمين گريگوري ڪاراسين ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته روس مختلف قوميتن ۽ مذهب?? جي مڃيندڙن جو ملڪ آهي ۽ ان جا شهري روايتي طور تي اسلامي ملڪن سان لاڳاپا مضبوط بڻائن جا حامي آهن. هن چيو ته هن ڪانفرنس جي انعقاد جو مقصد يونين آف او آئي سي ??يوز ايجنسيز ۽ روسي ??يڊيا جي وڏن ادار?? جي وچ ۾ سڌوسنئون تعاون قائم ڪرڻ جي طريقن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي ته جيئن روس ۽ مسلمان ملڪ?? جي وچ ۾ برابر بنيادن تي تعاون کي فروغ ۽ شهرين کي سچي ۽ حقيقت تي ٻڌل ۽ تعصب کان پاڪ اطلاعات تائين پهچ جا برابر موقعا فراهم ڪري سگهجن. او آءِ سي جي لاءِ روسي ??يڊريش?? جي مستقل نمائندي رمضان عبدالطيفوف ان موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري ۽ روس جي لاءِ ا?? جي نائب سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته سندس ملاقاتن ۾ ٻنهي ڌري?? جي وچ ۾ تعاو?? جي لاءِ رهنما رخن جوڙيا ويا. هن چيو ته هاڻي اسان کي روس او آءِ سي تعاو?? جي اهم رخ جي لاءِ معلومات تي ٻڌل مدد ۽ حمايت فراهم ڪرڻي آهي. يونين آف او آءِ سي ??يوز ايجنسيز جي وقتي ڊائريڪٽر جنرل محمد عبدالربواليامي ڪانفرنس کي پنهنجي وڊيو خطاب ۾ روس ۽ اسلامي ملڪ?? جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون کي وڌائڻ ۾ گروپ اف اسٽريٽجڪ ويز?? جي نمايان ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو مقصد اسلامي دنيا ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاو?? جي لاءِ عملي قدم?? جي ڳولا آهي. هن ڪانفرن?? ۾ ??ريڪ سمورن نمائندن تي زور ڏنو ته اهي بطور صحافتي اداري يونين آف او آءِ سي ??يوز ايجنسيز جي صلاحيت مان فائدو کڻن. يونين آف او آءِ سي ??يوز ايجنسيز جو غيرجانبدار انٽرنيشنل ٽريننگ سينٽر پنهنجي 57 ميمبر ملڪن ۽ چئن وڏن ملڪن مان نمائندن جو مرڪز آهي ۽ اهو ٽن عالمي زبانن عربي، انگريزي ۽ فرانسيسي ۾ خبرن جو عالمي پليٽ فارم آهي. هن چيو ته يونين آف او آءِ سي ??يوز ايجنسيز پنهنجي قيام کان ئي اعتدال پسندي ۽ اسلامو فوبيا جي مختلف صورت?? جي اظهار جي مخالفت جي اصولن تي قائم آهي. گڏيل عرب امارات جي خابرو اداري وام جي ڊائريڪٽر جنرل محمد جلال الرئيسي چيو ته روس ۽ مسلم دنيا قديم ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي ۽ گڏيل عرب امارات کي روس سان پنهنجي ڊگهي تاريخي لاڳاپن تي فخر آهي. هن چيو ته اسا?? جي گڏيل اتحاد ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن. اسان جو مقصد دنيا ۾ رونما ٿيندڙ واقعن بابت صحيح ۽ حقيقتن تي ٻڌل معلومات جي فراهمي آهي. هن چيو ته ڀائيچاري ۽ تحمل جهڙن قدر?? جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ هڪ هڪ فريم ورڪ جي جوڙجڪ ضروري آهي. او آءِ سي جي ميڊيا لينڊ ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر وج??ي سندي پنهنجي خطاب ۾ ميڊيا جي شعبي ۽ روس جي ناليوارن صحافتي ادار?? جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته او آءِ سي ??يڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ يڪجهتي کي مضبوط بڻائڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. روسي ??رڏيهي وزارت جي پريس سينٽر جي سربراهه ۽ ڊپارٽمينٽ آف انفارميشن اينڊ پريس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايوان نيڪايوف پنهنجي خطاب ۾ مسلم ملڪ?? جي صحافين سان پنهنجي وزارت جي تعاو?? جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته روس مختلف قوميتن ۽ مختلف مذهب?? جي مڃيندڙن جو ملڪ آهي ۽ مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ?? جي وچ ۾ هم آهنگي جو ڀرپور ۽ تاريخي تجربو رکي ٿو. هن چيو ته اسلامي دنيا سان تعاون جو فروغ روسي ??رڏيهي پاليسي ڊاڪٽرائ?? جي اهم ترين ترجيح آهي. ان موقعي تي يونين آف او آءِ سي ??يوز ايجنسيز ۽ انٽرنيشنل وڊيو ايجنسي (رپٽلي) جيڪا ويزوئل نيوز ڪانٽينٽ جي فراهمي ۾ خصوصي مقام رکي ٿي، جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون.